رقعات قاضي عبدالرسول وجان محمد منشي

رقعات قاضي عبدالرسول وجان محمد منشي

رقعات قاضي عبدالرسول وجان محمد منشي

رقعات قاضي عبدالرسول وجان محمد منشي: هي قلمي نسخو قاضي عبدالرسول ۽ قاضي جان محمد سيوستانيءَ جي خطن تي مشتمل آهي، جنهن جي مرتب جي خبر نٿي پوي. هي نسخو اعجاز الحق قدوسي سنڌ يونيورسٽي لائبريري واري نسخي تان نقل ڪيو. سنڌ يونيورسٽي وارو نسخو نامڪمل هو. هن ۾ مختلف عالمن، فاضلن ۽ حڪيمن جا خط آهن. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”عالي حضرت سمو مرتبت قدوه افاضلا نام،
اسوه اڪابر ڪران دقيقه شناس حقائق
معاني حديقه پيراي بهارستان.....“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”ڪتبه اعجاز الحق قدوسي از نسخه قاضي
عبدالرسول وجان محمد سيوستاني المتوفي
1171هه- تاريخ نقل مورخه 19 مارچ 1956ع....“
هي قلمي نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جنهن جا 624 صفحا آهن ۽ هي قلمي مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي مسودن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو